SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


نسل پرستي


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


نسل پرستي

Racialism


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


نسل پرستي

Racialism

ريشيلزم

متڀيد تي ٻڌل نظريو، جنهن ۾ نسل ، رنگ، قوم، حسب نسب ۽ ماضيءَ جي مرتبي کي بنياد بڻائي معاشي، سياسي، ثقافتي ۽ شهري پاليسيون جوڙي ، ڀُوري چمڙيءَ ۽ يورپي نسل جي ماڻهن جي برتريءَ کي يقيني بڻايو ويو. ان قسم جو رياستي رويو خاص طور آفريقا ۽ ايشيا ۾ نظر آيو،جتي ڪاري ۽ رنگدار چمڙيءَ جي آباديءَ کي غلام بڻائي، سندن بنيادي حق ڦٻائي، کين وڏي عرصي تائين جائزسياسي ۽ معاشي حقن کان وانجهو رکيو ويو. هونئن ته اها پاليسي قديم دور کان مختلف روُپن ۾ موجود رهي آهي، پر جديد دور(1882-1816) ۾ فرانسي ليکڪ ، سفارتڪار ۽ ’گوبينو‘ ڪائونٽي جي نواب ’جوزف آرٿر‘ پنهنجي مشهور ڪتاب An Essay on the Inequality of the Human Races (1853–1855) ۾ آريائي نسل جي ماڻهن کي حڪومتي وهنوار لاءِ بهتر سمجهندي ’نسلي برتريءَ‘ جي بنياد تي اقتدار هٿ ڪرڻ لاءِ زور ڏنو. سندس چوڻ هو ته ” ڌرتيءَ جي گولي تي موجود ڪارا ماڻهو اُتساهه ڀريا ، راڳ جا شوقين ۽ فَن ڏانهن لڙيل آهن، ڦِڪي چمڙيءَ وارا لوڪ ڌنڌي واپار، تنظيم ڪاري ۽ خدمت چاڪريءَ ۾ ڀڙُ آهن، جڏهن ته ڀوُري چمڙيءَ وارا انسان عقل ۽ وقار ۾ اڳڀرا آهن، تنهنڪري دنيا جي سرداري کين سُونهي ٿي.“ هن نظريي جرمنيءَ ۽ آمريڪا ۾ وڏي مڃتا ماڻي ۽ سندن ثقافت، لوڪ ادب ،۽ نصاب جو حصو بڻجي اداراتي شڪل اختيار ڪري ويو. ان کان علاوهه بيٺڪي راڄ ۾ هن تصور کي وڏي هٿي ملي ۽ ڏکڻ آفريقا سميت دنيا جي ڪيترن علائقن ۾ قابض قوتن نسلي متڀيد جي بنياد تي رياستي ۽ حڪومتي وهنوار هلايو. Racism (نسلي وڏائي) جو اصطلاح به هن تصور جو هڪ تسلسل آهي، جنهن جي ’گڏيل قومن جي شهري حقن واري ڪميشن‘هيٺينءَ طرح تشريح ڪئي آهي. ”نسلي وڏائي هڪ روش، عمل يا اداراتي جوڙجڪ آهي ، جيڪا ڪنهن ٻئي شخص کي هيٺان ڪرڻ لاءِ خاص قسم جي نسل طرفان اختيار ڪئي وڃي ٿي.“ اهڙي وڏائيءَ جي نتيجي ۾ چمڙيءَ جي بنياد تي هڪ نسلي ايڪو ٻئي ايڪي سان ساڙ ۽ دُشمني رکي ٿو


.


نسل پرستي بابت وڌيڪ اصطلاح

  • متڀيد، حسد، نسل پرستي

  • Remember Me Also:

    ڪن اوپرا ڪرڻ

    ڇرڪ ڀرڻ. ڌيان ڏيڻ ، خيال ڏيڻ ، ويچار سان ٻڌڻ ، توجهه ڏيڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal